پيماني تي پيمانو

پيماني تي پيمانو

پيماني تي پيمانو

پيماني تي پيمانو: سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ جو هي ٻيو نمبر مختصر مجموعو، پاڪيٽ سائيز ۾ سورٺ اشاعت گهر، جيڪب آباد پاران 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ گدائي صاحب جي اوائلي شعري ڏني وئي آهي. ڪتاب جو مرتب فتاح عابد لاشاري آهي ۽ مهاڳ شاعر ۽ سندس فرزند عابد لاشاريءَ ’ترورن جو رقص‘ عنوان سان لکيو آهي. جنهن ۾ هن جيڪب آباد جي اوائلي ۽ گدائيءَ جي همعصر شاعرن جو ذڪر ڪري، گدائيءَ جي شاعراڻي قد ۽ فڪري پختگيءَ کي نروار ڪيو آهي ۽ عبدالڪريم گدائيءَ کي مولوي احمد ملاح کان پوءِ سنڌ جو ٻيو عوامي شاعر سڏيو آهي. جڏهن ته نامور شاعر ۽ نقاد قمر شهباز ’ڪراڙو ۽ سمنڊ‘ عنوانس سنا عبدالڪريم گدائيءَ جو تعارف ڪرائيندي لکيو آهي ته: ”ارنيسٽ هيمنگوي جو جڳ مشهور ڪاب ’ڪراڙو ۽ سمنڊ‘ پڙهيو گهڻو اڳ هئم، سمجهه ۾ تڏهن آيم، جڏهن گدائيءَ سان گڏيس“.
هن ڪتاب ۾ گدائيءَ جا بيت، ڪافيون، غزل ڏنل آهن. 44 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 1.50 روپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو